پين Pen2 تنظيم

پين (Pen)2 (تنظيم): ليکڪن جي هڪ عالمي تنظيم، جنهن ۾ شاعر، مضمون نويس، ناول نگار، مورخ، محقق، نقاد، مترجم ۽ صحافي وغيره شامل آهن. تنظيم جو بنياد 1921ع ۾ هڪ غير سياسي اين جي او طور رکيو ويو، جنهن جو مقصد لکڻين ذريعي اظهار جي آزاديءَ کي واڌ ڏيڻ هو. دنيا جي 87 کان مٿي ملڪن ۾ هن تنظيم جا مرڪز موجود آهن: جوزف، ڪونرڊ، ڊي ايڇ لارنس، جارج برنارڊشا، البرٽو موراويو، چنهوا، اچپسي، سوسن سونتاگ، واچلان هيول جهڙا جڳ مشهور اديب هن ۾ شامل رهيا آهن، تنظيم جي قيادت لاءِ هر ٽن سالن کان پوءِ هڪ عالمي صدر چونڊيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو